جعفر جاني

جعفر جاني

جعفر جاني

جعفر جاني: نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر محمد جعفر ولد سر سبحاني ڊومڪيءَ، 05 مارچ 1972ع تي ڳوٺ حسين بخش گولاٽو، تعلقي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. هن پرائمري محرابپور مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان 87-1986ع ۾ ڪئي ۽ ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ، انٽر 1992ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد مان انٽر ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1997ع ڌاري ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ساڳئي سال سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل سان وابسته رهيو.
جعفر جانيءَ جي شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ سماجي شعور موجود آهي. 1992ع کان پوليس ملازمت ڪري رهيو آهي. جعفر جانيءَ جو شمار سنڌ جي انهن چند شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي غزل کي نئون موڙ ڏئي پنهنجي حيثيت ٺاهي آهي. سندس شاعريءَ تي ناليوارن شاعرن شيخ اياز ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جو گهرو اثر آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’ڳوڙهن ڳاڙهو ويس‘ آگسٽ 2011ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ٺل طرفان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.03.05  عيسوي

نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر محمد جعفر ولد سر سبحاني ڊومڪيءَ، 05 مارچ 1972ع تي ڳوٺ حسين بخش گولاٽو، تعلقي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه حسين ماڌو لال
دريا خان فقير 1
بسمل ٽکڙائي
بلاول پرديسي
عبدالحئي ڀٽو
احمد بخش بدوي
دانش اياز
ڀوَپوُتي
اسحاق راهي
اياز قادري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون